SLA Logo
آن لائين سنڌي لغتون

Online Sindhi Dictionaries

لفظ ٽائيپ ڪريو


Ibn- Sina

(click word to listen sound
  • 🔊
  • ibn
  • sina
  • )

From Dictionary of Political Terms


Ibn- Sina

ابن سينا

علي ابن سينا منطق، طب، فلسفي، نفسيات، رياضي، فلڪيات، دينيات، اخلاقيات، سياست، تصوف، تفسير، ادب ۽ موسيقي تي ڪتاب لکيا. اسماعيلي ڪٽنب ۾ پالنا ٿيڻ سبب هن ۾ فلسفي جو شوق پيدا ٿيو. ابن سينا آگسٽ 980ع ۾ ڄائو ۽ 1073ع ۾ اصفهان (ايران) ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. هي ڏاهو علم کي نظريي (Theory) ۽ عمل (Practice) جي حصن ۾ ورهائي ٿو. هن سياست جي علم کي عملي علمن ۾ شامل ڪيو آهي.ابن سينا دنياوي بادشاهت، نبوت ۽ شريعت ۾ فرق ڪري ٿو. فلسفي جي لحاظ کان نبي اعلى درجي تي پهچي ٿو، سندس نظريي ۾ نبوت هڪ عطيو آهي. ابن سينا شهرين کي ٽن گروهن ۾ ورهائي ٿو، حڪمران، ڪاريگر ۽ محافظ. هر گروهه جو انتظام هڪ رئيس يا منتظم هلائي ٿو جيڪو وري گهٽ انتظامي عهدن تي منتظم مقرر ڪري ٿو. هر شهري فرض جي ادائگي ذريعي رياست کي فائدو پهچائي ٿو.هن جي خيال مطابق خليفي ۾ جرئت، صبر ۽ بردباريءَ جا گڻ هئڻ ضروري آهن. خليفي جي چونڊ شريعت جي ٻڌايل اصولن مطابق ٿيڻ گهرجي، ٻي صورت ۾ راءِ ڏيندڙ ڪافر ٿي ويندا.ابن سينا 238 ڪتاب لکيا، جن مان ڪجهه هيٺينءَ ريت آهن.(1) الشفا.(2) النجات.(3) القانون في الطب.(4) رسالئه الزوايا.(5) تسع رسائل في الحکمة والطبعيات.(6) في اتباع النبور.


Remember Me Also:

ادرش

صفت. [سن. اَ = نه + درِش = ڏسڻ يعني جو ڏسجڻ ۾ نه اچي] پوشيدو ، غائب ، ڳجهو ، لڪل ، مخفي. اڻ ڏٺل.

Let's Learn Sindhi

Online Sindhi Learning

SLA has developed online Sindhi Learning portal where non Sindhi speakers can easily learn Sindhi Language, which is developed from basic level to advance. This portal is based on Dr. Fahmida Hussain’s linguistic methodology of learning.

Visit the site

Virtual Books Library

SLA has developed virtual library where bulk amount of books in Sindhi Language’s history, learning, are posted as downloadable & online readable format. This library is developed for all platforms and systems for better access.

Visit the library

Portal for Sindhi Kids

For the Sindhi kids who are studying in primary schools, SLA has presented online academic songs extracted from their text books in musical structure. The soothing portal is ideal for Sindhi primary students.

Go to portal